خط غُبار

خط غُبار

خط غبار

خط غُبار (ڪتاب): هيءُ ڪتاب، نامياري اديب غلام رباني آگري جي حڪيم اعجاز حسين چانڊيي ڏانهن لکيل خطن، ۽ خطن ۾ پنهنجي سوانح حيات بابت ذڪر تي مشتمل آهي. هن ڪتاب کي سهيڙيو به حڪيم اعجاز حسين چانڊيي آهي، جنهن ڪتاب جو انتساب غلام رباني آگري جي فرزندن: الطاف حسين، عزيزالرحمان، مجيب الرحمان ۽ نياڻي قرت العين ڏانهن ڪندي، کين سندن والد واري ئي دُعا ڏني آهي ته: >تا جهان باشد به نيڪي، در جهانت باد نام. ڪتاب جو مهاڳ حڪيم خليفي عبدالحميد چانڊيي ۽ ديباچو حڪيم اعجاز حسين چانڊئي خود لکيو آهي.خطن کان اڳ حڪيم صاحب غلام رباني آگري جي سوانح حيات کي غلام رباني آگري جي زباني پيش ڪندي، وچ وچ ۾ رباني صاحب واري طرز بيان ۾ سلسلي کي هلايو آهي، جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته هو رباني صاحب جي لکڻ جي انداز کان حد کان وڌيڪ متاثر آهي.ڪتاب جي آخري حصي ۾ رباني صاحب جا 2002ع کان 2005ع تائين جا لکيل خط ڏنا ويا آهن، جنهن کان پوءِ ڇهن صفحن تي رباني صاحب جون يادگار تصويرون ڏنيون ويون آهن. ڊيمي سائيز جي 134 صفحن تي مشتمل، غلام رباني آگري جي خوبصورت تصوير واري ٽائيٽل سان هي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري، 2010ع ۾ ڇپايو آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 150 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو